اديب انقلابي ڊاڪٽر

اديب انقلابي ڊاڪٽر

اديب انقلابي

اديب انقلابي: اديب انقلابي جو اصل نالو مظفر علي چانڊيو آهي. هو سنڌ جو ناميارو اديب، نقاد ۽ محقق آهي. هو ڳوٺ گاهي خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. هن ايم.بي.بي.ايس، ڊي. ايل. او، ايم. ايس. ايف ۽ آءِ. سي. ايس جون ڊگريون پاس ڪيون آهن ۽ هن وقت پيشي جي لحاظ کان ڊاڪٽر آهي. اديب انقلابي جو شمار سنڌ جي سٺن اديبن ۾ ٿئي ٿو. هن جا هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. جن ۾ ”جساف جي ڏهه ساله تاريخ“ (1982)، ”دنيا جا انقلابي ٻار“،(1982ع)، ”پشتو شاعريءَ جو سنڌي روپ“ (1983)، ”دنيا جا انقلابي ڊاڪٽر“ (1984)، ”سنڌ جي ڪوپائي ڪٿا“ (1993)، ”سنڌ جا عظيم ويڄ“ (1992)، ”ڪن، نڪ، ڳلي جون عام بيماريون“ (1985)، ”سائين جي ايم سيد سان ڪچهريون“ (1985)، ”ٽارچر سيل جي شاعري“ (1996(، ”گستاخ ڪلامي“(2006) ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. هو هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ اديب انقلابيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو